گل محمد عمراڻي

گل محمد عمراڻي

عمراڻي گل محمد

عمراڻي، گل محمد: اڳوڻي ڪمشنر ۽ نامياري ليکڪ گل محمد عمراڻيءَ جو جنم 16 جون 1949ع تي حيدرآباد جي ٽئين نمبر تلاءَ واري علائقي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم سيٺ ڪمال الدين پرائمري اسڪول مان، قاضي عبدالقيوم سنڌي اسڪول ميمڻ محله، پريڪٽسنگ اسڪول ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ورتائين. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪيائين. هي شاگرديءَ واري زماني کان ئي ذهين ۽ سرگرم شاگرد رهيو. اسڪول ۾ بهترين مقرر، مضمون نويس هجڻ سان گڏ اسڪائوٽ جو اڳواڻ رهيو. ان کان سواءِ پنهنجي استاد محمد حسن بوزدار جي سربراهيءَ ۾ ون يونٽ خلاف خفيه طور ڪم ڪندو رهيو ۽ هيرآباد ۾ قاضي فضل الحق جي گهر حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي خفيه گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو هو، جتي سندس ملاقات ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان ٿي. 1965ع ۾ هن گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ سائنس ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ائڊريان جي صلاح تي آرٽس جو سبجيڪٽ کنيائين. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (انگلش) ڪيائين. کيس انگريزي ٻولي ۽ ادب تي دسترس حاصل آهي. اردوءَ ۾ نامور مارڪسوادي پروفيسر ڪريم الدين احمد کان متاثر ٿيو، جڏهن ته نيشنلزم، ڪميونزم ۽ سوشلزم نظريي جو اثر مير ٿيٻو، مهر حسين شاهه ۽ ڄام ساقيءَ جي صحبت جي ڪري مٿس پيو.
گل محمد عمراڻي 1974ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر، پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. ان کان سواءِ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل، وفاقي مختيارڪار آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل، شڪارپور ۽ نوابشاهه (موجوده شهيد بينظيرآباد) جو ڊي. سي او ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو منتظم رهڻ سان گڏ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل، ثقافت، راندين، نوجوانن جي معاملن، سماجي ڀلائي ۽ وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. USAID جي هڪ رٿا تحت پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڪئليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان 1989ع ڌاري ماسٽرس ڪيائين. رٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، حيدرآباد جو باني ڊائريڪٽر ٿي رهيو. بعد ۾ ثقافت ۽ نوادرات کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن ائڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج، لاهور مان پبلڪ پاليسيءَ متعلق تربيت حاصل ڪئي. هن آڪسفرڊ، ڪئمبرج، گلاسگو ۽ ايڊنبرگ جي مختلف يونيورسٽين مان مختصر ڪورسَ پڻ ڪيا.
گل محمد عمراڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان شاهه جي رسالي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ زندگيءَ بابت لکيل مهاڳ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. مرزا قليچ بيگ جي The Leisure Hours ۽ آتم ڪهاڻي ‘سائو پن يا ڪارو پنو’ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ايڊٽ ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انگريزي مضمونن تي مشتمل ڪتاب Studies of Educational and Archaeological کي پڻ ايڊٽ ڪيائين. ان کان سواءِ ڏيارام گدومل جي ڪاليجي تعليم تي لکيل انگريزي مضمون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عبدالقادر جوڻيجي جي هڪ ڪتاب کي Natural calamities and Animal Instincts جي نالي سان ترجمو ڪيائين. حسن درس جي مقالي/ مضمون کي پڻ انگريزيءَ ۾ Throughout Sindhi Horse جي نالي سان ترجمو ڪيائين. سندس ٻيا به ڪيترائي مضمون روزاني ڪاوش ۽ سنڌ ايڪسپريس اخبارن کان سواءِ بلاول (انگريزي)، ٽماهي مهراڻ، بينظير ۽ همسري مئگزينن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرزا قليچ بيگ چيئر جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر آهي. هندستاني تاريخ ۽ علم بشريات تي تحقيق سان گڏ CSS ۽ PCS جي شاگردن جي رهنمائي سندس دلچسيءَ ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو